تيل اگهن ۾ 8 کان 12 رپيا في ليٽر لاٿ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو) پيٽروليم شين جَي اگهن ۾ لاٿ وارو سفر جاري آهي، حڪومت تيل جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 کان 12 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، اوگرا پاران پيٽرول 8 کان 10 رپيا ليٽر سستو ڪرڻ جي سمري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن اماڻي وئي آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 8 رپيا 50 پئسا سستو ٿيڻ جا امڪان آهي. ذريعن موجب لائيٽ ڊيزل 11 رپيا في ليٽر سستو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *