تيل اگهن ۾ واڌ رد، اسد عمر جي تبديلي پويان آءِ ايم ايف آهي: پيپلز پارٽي

سکر (اين اين آءِ)  پ پ جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اسد عمر کي آءِ ايم ايف جي خواهش تي هٽايو، نئين معاشي ٽيم آڻي عوام کي بدهال ڪرڻ جو منصوبو آهي، حڪومت بجيٽ کان اڳ ئي تباهي آڻي ڇڏي آهي، اميد هئي ته حڪمران رمضان کان اڳ پيٽرول جا اگهه وڌائڻ جي بيوقوفي نه ڪندا پر هيءَ حڪومت نااهل ثابت ٿي آهي، هر شيءِ هٿ مان نڪري رهي آهي، غريب ماڻهو هڪ ماني جا محتاج هئا، هاڻ شايد روزو به نه کولي سگهن، آچر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي انفارميشن آهي ته اسد عمر کي هٽائڻ ۾ باقر رضا کي استعمال ڪيو ويو، باقر رضا ذريعي پيغام پهچايو ويو ته آءِ ايم ايف اسد عمر مان خوش نه آهي، خورشيد شاهه چيو ته اهو به ٻڌايو ويو ته اسد عمر جي هوندي آءِ ايم ايف کان پيڪيج نه ملندو، هن چيو ته آءِ ايم ايف سخت فيصلا نه ڪرڻ تي اسد عمر کان راضي نه هو، هن چيو ته آءِ ايم ايف سمجهي رهيو هو ته اسد عمر کي ڪا به خبر نه آهي، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ۽ ايف بي آر جي چيئرمين جي تبديلي ڳالهائيندي هن چيو ته نئين ناڻي وزير جو حق آهي ته پنهنجي مرضي جي ٽيم آڻي پر لڳي اهو رهيو آهي ته ٽيم آڻي عوام کي بکيو مارڻ جو منصوبو آهي، هن چيو ته حڪومت بجيٽ کان اڳ ئي تباهي مچائي ڇڏي آهي، هن چيو ته ٽيڪس نيٽ وڌائڻ بدران سمورو بار غريبن تي وڌو ويو، هي سڀ پيسا غريب مان ڪڍي حڪومت هلائڻ چاهين ٿا، هن چيو ته سوچي به نه پئي سگهياسين ته تيل جو اگهه 122 ليٽر ٿيندو، هن چيو ته اسان جي دور ۾ تيل هڪ سئو 40 ڊالر في بيرل ۽ هاڻ 70 ڊالر في بيرل آهي، هيءَ حڪومت نااهل ثابت ٿي آهي.   ٻئي طرف  پ پ جي مرڪزي ترجمان مولا بخش ڇانڊيو پيٽرول اگهن ۾ واڌ جي مزمت ڪندي چيو آهي ته واڌ رد ڪريون ٿ، آءِ ايم ايف جي حڪم تي عوام تي مهانگائي جا بم ڪيرايا پيا وڃن، عوام جو صبر موڪلائي چڪو آهي، هاڻ حڪومت گهڻي وقت تائين نه هلي سگهندي، آچر تي هن چيو ته حڪومت غريبن کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، عوام جي شيون خريد ڪرڻ جي سگهه جواب ڏئي چڪي آهي، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ملڪ کي ڏڦيڙ ڏانهن ڍڪي رهي آهي، هن چيو ته جنهن آءِ ايم ايف ڏي نه وڃڻ جو واعدو ڪيو هاڻ ان کي معيشت تي ويهاري ڇڏيو آهي، هن چيو ته هاڻ آءِ ايم ايف جي مرضي آهي ته غريب پاڪستاني کي هڪ ويلي جي ماني کائڻي آهي يا ناهي کائڻي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *