تيل اڃان بھ سستو آھي، ايڪسپورٽ نه وڌي ته آءِ ايم ايف ۾ ڦاسي وينداسين: عمران خان

اسلام آباد(م.ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان اڄ به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سستو ملڪ آهي، اسان کي نااهل چوندا آهن، اسان جي حڪومت قوم کي هر بحران مان بچايو، 14هين انٽرنيشنل چيمبرز اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ تيل جا اگهه اڃا به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن، هن چيو ته وزيراعظم بڻجڻ منهنجو خواب نه هو، وزيراعظم بڻجي پاڪستان کي عظيم ملڪ ٺاھڻ منھنجو خواب آھي، هن چيو ته ڪمپنين 930 ارب رپين جو منافعو ڪمايو، 10 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ پرائيويٽ سيڪٽر 1100 ارب رپين جو منافعو ورتو، ايڪسپورٽ ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ ملڪ جي مستقبل لاءِ ضروري آهي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن اسان برآمدات نه وڌائينداسين ته آءِ ايم ايف ۾ ڦاسي پونداسين، پاڪستان ۾ ٽيڪس ڪلچر دنيا ۾ سڀ کان گهٽ آهي، اسان وٽ ٽيڪس ڪلچر ناهي، اسان ٽيڪس ڪلچر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، عمران خان چيو ته في خاندان 10 لک رپيا هيلٿ انشورنس ڏئي رهيا آهيون، هيلٿ ڪارڊ جي مدد سان ڪنهن به اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهجي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته جڏهن افغانستان جو چيلينج آيو ته خوف هو، خوف سبب ماڻهن ڊالر خريد ڪرڻ شروع ڪيا جنهن ڪري ڊالر مٿي ٿي ويو، وزيراعظم چيو ته ترسيل پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ 32 ارب ڊالر هئي، مون چيو هو ته 8 هزار ارب رپيا ٽيڪس جي مد ۾ گڏ ڪندس، اسان 6 هزار ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيا، هن چيو ته جيستائين صنعت ترقي نه ڪندي ملڪ خوشحال نه ٿيندو، مديني جي رياست دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو انقلاب آهي، قانون جي حڪمراني جي جنگ سڀني کي گڏجي وڙهڻي پوندي، عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو خسارو برداشت ڪيو، مهانگائي سبب سڄي دنيا مصيبت ۾ آهي، وزيراعظم چيو ته رنگ روڊ منصوبي ۾ ڪرپشن سبب دير ٿي، ڪجهه ماڻهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ منصوبي جي الائنمينٽ تبديل ڪئي وئي، زمينون ليز تي ڏنيون وينديون ۽ صنعتن کي سستي اگهه تي ڏنيون وينديون

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *