تيز ترين 3 هزار رنسون: بابر اعظم پهريون ايشيائي ڪرڪيٽر بڻجي ويو

برمنگهم (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو نوجوان بيٽسمين بابر اعظم ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين 3 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ پهريون /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01

ايشيائي پليئر بڻجي ويو آهي.بابر اعظم اهڙو اعزاز نيوزيلينڊ خلاف اهم ميچ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي 68هين اننگز دوران سينٽنر جي بال تي سنگل وٺي حاصل ڪيو.نوجوان بيٽسمين اهو ڪارنامو انجام ڏيندڙ تيز ترين پاڪستاني ۽ تيز ترين ايشين بڻجي ويو آهي، جڏهن ته هو دنيا جو ٻيو بيٽسمين آهي، جنهن تيز ترين 3 هزار رنسون مڪمل ڪيون آهن.تيز ترين 3 هزار رنسن ۾ ڏکڻ آفريڪا جو هاشم آملا پهرين نمبر تي آهي، جنهن 57 اننگز ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *