تير جي نشان وارا اميدوار ئي شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جا پيروڪار آهن: بلاول ڀٽو

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري سمورن جيالن تي زور ڀريندي چيو آهي ته اهي صرف تير جي نشان وارن اميدوارن لاءِ ئي ورڪ ڪن ڇاڪاڻ ته تير جي نشان وارا ئي ڀٽوازم جا حقيقي نمائندا آهن، بلاول هائوس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي بدين ضلعي جي عهديدارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري چيو ته تير جي نشان وارا اميدوار ئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جا پيروڪار آهن، هن چيو ته پارٽي کان ٻاهر رهندڙ ڪجهھ ماڻهو شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ منهنجا پورٽريٽ استعمال ڪري رهيا آهن انهن جو پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ جيالن سان ڪو به واسطو ناهي تنهن ڪري عوام پاڪستان پيپلزپارٽي جي ئي نامزد ڪيل اميدوارن کي ووٽ ڏئي. بلاول ڀٽو زرداري اڄ بلاول هائوس ۾ بدين ۽ ٽنڊومحمد خان ضلعن جي پارٽي عهديدارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي اڳواڻن جي ڌار ڌار گڏجاڻين جي صدارت ڪئي، جن ۾ ٻين سان گڏ ايم اين اي فريال ٽالپر، پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان، مڪاني ادارن جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه ۽ جميل سومرو به شرڪت ڪئي. گڏجاڻين ۾ شريڪ اڳواڻن خاص طور تر بدين جي اڳواڻن ٻڌايو ته بدين ۾ ڪجھ فريبي ماڻهو مڪاني چونڊن جي  اليڪشن مهم ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جا جهنڊا ۽ پارٽي جا پورٽريٽ استعمال ڪري پارٽي جي نامزد ٿيل اميدوارن خلاف مهم هلائي رهيا آهن. بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن جي پارٽي اڳواڻن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پنهنجي پنهنجي ضلعي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان پارٽي جي تيارين بابت بريفنگ ڏني ۽ چيو ته ٻنهي ضلعن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي مضبوط آهي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي حمايت سان مخالفن کي مڪمل شڪست ڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *