توهين عدالت ڪيس: عامر لياقت جي خطاب جون ڪلپون طلب، ڇو نه سندس جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ/ويب ڊيسڪ) توهين عدالت ڪيس ۾ چيف جسٽس عامر لياقت جي خطاب جون ڪلپون طلب ڪري ورتيون ۽ چيو ته هر ڪو پاڻ کي عالم، ڊاڪٽر ۽ فلاسافر سمجهي ٿو. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ڊاڪٽر عامر لياقت جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ چيف جسٽس چيو ته ڊاڪٽر عامر لياقت کي گهرايو، هو ڇو ناهي آيو، هي توهين عدالت جو ڪيس آهي، ڇو نه سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اِهو هڪ اهم مسئلو آهي ميڊيا تي نفرت جوڳي ڳالهه ٻولهه ٿي، غداري ۽ ڀارتي ايجنٽ جي فتويٰ لڳائي ويندي آهي. جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته ايتري ذميواراڻي ڳالهه ٻولهه ڏاڍي گهٽ نظر ايندي آهي، هر ڪو پاڻ کي عالم، ڊاڪٽر ۽ فلاسفار سمجهي ٿو. عامر لياقت جي وڪيل جو چوڻ هو ته ڪيس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو، عامر لياقت سڀاڻي اچي ويندو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته عامر لياقت کي اڄ چار وڳي تائين گهرايو. ڪيس جي ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس عامر لياقت جي خطاب جون ڪلپون طلب ڪري ورتيون ۽ چيو ته توهان عامر لياقت جي تقرير جون سائيٽون ڪڍي اچو، عامر لياقت حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته توهين عدالت جو نوٽيس ڏينداسين. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پارليامينٽ ۾ حلف برداري ڪڏهن آهي؟ وڪيل ٻڌايو ته شايد 13 آگسٽ تي. بعد ۾ سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان توهين عدالت ڪيس ۾ عامر لياقت حسين کي 20 هزار رپيا ڏنڊ ڊيم فنڊز ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي اربع تي سپريم ڪورٽ ۾ عامر لياقت جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي چيف جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته عامر لياقت پروگرام ۾ ڪٿي عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي چيف جسٽس وڪيل کي هدايت ڪندي چيو ته سي ڊي ۾ عدالت کي مواد فراهم ڪريو وڪيل ٻڌايو ته عامر لياقت نفرت ڏياريندڙ مواد نشر ڪيو چيف جسٽس چيو ته عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي ويئي آهي ته پروگرام بند ڪري ڇڏيو جسٽس اعجازالحسن چيو ته راءِ جي آزادي جون ڪجهه حدون آهن چيف جسٽس چيو ته مادر پدر آزادي قبول نه آهي عامر لياقت چوندو هو ته ايسي نهين چلي گا مان چيو توهان جو رويو به نه هلندو سپريم ڪورٽ عامر لياقت کي 20 هزار رپيا ڏنڊ ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *