توهين عدالت ڪيس: سپريم ڪورٽ آصف علي زرداري خلاف ڪيس اڪلائي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف سوئس اختيارين کي ٻيو خط لکڻ بابت توهين عدالت وارو ڪيس اڪلائي ڇڏيو، جسٽس آصف سعيد کوسا جو چوڻ آهي ته ٻيو خط لکڻ سان عدالتي حڪم جي توهين ناهي ٿي. سوئس اختيارين کي ٻيو خط لکڻ بابت ڪيس جــِي ٻــُڌڻي جسٽس آصف سعيد کوسا جــِي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ ڪئي. جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي عدالتي حڪم تي سوئس اختيارين کي خط نه لکڻ تي توهين عدالت جي سزا ملي، جڏهن ته راجا پرويز اشرف سوئس اختيارين کي خط لکي عدالتي حڪم جي پوئواري ڪئي هئي. ان موقعي تي درخواست گــُذار محمود اختر نقوي چيو ته پهرين خط کانپوءِ حڪومت سوئس اختيارين کي ٻيو خط لکي پهرين خط جو اثر ختم ڪري ڇڏيو،ٻيو خط لکڻ سان به عدالتي حڪم جي توهين ٿي. جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ حڪومت کي سوئس اختيارين کي ٻيو خط لکڻ کان نه روڪيو هو،ٻيو خط لکڻ سان عدالتي حڪم جي توهين ناهي ٿي،انڪري توهين عدالت جو ڪيس نه ٿو ٺهي. جسٽس آصف سعيد کوسا وڌيڪ رمارڪس ڏنا ته سوئس حڪومت اهي ڪيس پاڻ کوليا ۽ بند ڪيا، اهو سوئس سرڪار جو صوابديدي حق آهي ته ان ڪيس کي هلائي يا نه؟ انکانپوءِ، عدالت، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف توهين عدالت جو ڪيس اڪلائي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *