توهين عدالت ڪيس: سنڌ سرڪار کي 8 جون تائين جي مهلت، سومر ڏينهن هر صورت م ڪارروائي هلائي ويندي: عدالت جو حڪم

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي عدالت ۾ سرڪار پاران معاملي بابت جڙيل 21هين گريڊ وارن آفيسرن جي ڪميٽي جي رپورٽ جي انتظار لاءِ ٻيهر تاريخ ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي، عدالت 8 جون سومر ڏينهن تائين مهلت ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي واري ڏينهن عدالت صبح ساڍي نائين وڳي هر هال ۾ ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. تفصيل موجب سنڌ هاءِ  ڪورٽ ۾ جڏهن ڪالهه توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته جسٽس سجاد علي شاھ سرڪاري وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ فتاح ملڪ کان وزير اعليٰ سنڌ جي مليل 3 صفحن تي ٻڌل خط بابت تصديق ڪندي پڇيو ته ڇا هي خط سنڌ حڪومت جو آهي؟ جواب ۾ سرڪاري وڪيلن پاران اهو خط پاڻ جمع نه ڪرڻ جو جواز ٻڌايو جنهن تي عدالت خط جي تصديق ڪرڻ لاءِ مهلت ڏيندي اڌ ڪلاڪ جي لاءِ عدالت ملتوي ڪئي. اڌ ڪلاڪ بعد ٻيهر جڏهن عدالت ٻڌڻي شروع ڪئي ته اي جي سنڌ خط جي مالڪي ڪندي عدالت کي ٻڌايو تي هي خط آهي سرڪار جو اهو حڪومتي ڪميٽي پاران ئي جمع ڪرايو آهي پر اهو رجسٽرار معرفت موڪليو ويو آهي جنهن تي جسٽس سجاد علي شاھ کيس چيو ته عدالت ۾ معاملو توهين عدالت جو هلي رهيوآهي پر خط ۾ موُقف انتظامي معاملن جو لکيو ويو آهي، عدالت جڏهن ڪاروئي شروع ڪئي ته سرڪار جي وڪيلن موُقف رکيو ته حڪومت سنڌ  هن معاملي تي اعليٰ سطح جي ڪميٽي جوڙي معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي. ڪميٽي ۾ اعليٰ سطح جا 21 هين گريڊ جا عملدار آهن جيڪي عدالت جي معاملي ۾ ڪوتاهي ڪندڙن جو تعين ڪري رهيا آهن. عدالت کي گذارش آهي ته هو هن انڪوائري جي مڪمل ٿيڻ تائين لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڏينهن لاءِ وقت ڏئي جنهن تي جسٽس سجاد علي شاھ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اها ڪميٽي ڇا ڪندي وڌ ۾ وڌ عملدارن جا ڦول لهرائيندي ٻيو ڇا ڪندي، بهرحال هن ۾ وڌيڪ وقت نٿو ڏئي سگهجي. اوهان کي سومر 8 جون ساڍا 9 وڳي تائين مهلت ڏجي ٿي، عدالت ۾ رپورٽ ڏيو ۽ ڄاڻايل تاريخ تي ٻڌڻي ۾ پنهنجا دليل ضرور ڏيو جنهن بعد ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *