توهين عدالت: سپريم ڪورٽ موجوده ۽ اڳوڻي وزير اعظمن خلاف درخواستون اڪلائي ڇڏيون

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خلاف توهين عدالت جون درخواستون اڪلائي ڇڏيون آهن، جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ۾ چيو آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري کانپوءِ ٻئي درخواستون غير موثر ٿي چڪيون آهن. سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ، جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي وزيراعظم  يوسف رضا گيلاني خلاف محمود اختر نقوي جي توهين عدالت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.محمود اختر نقوي، نيب چيئرمين جي مقرري کي بنياد بڻائيندي وزيراعظم نواز شريف ۽ عدليه مخالف بيان ڏيڻ تي يوسف رضا گيلاني خلاف درخواست داخل ڪئي هئي. جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب چيئرمين جي مقرري ٿي چڪي آهي، هاڻي هي درخواستون غير موثر ٿي چڪيون آهن. عدالت، ٻئي درخواستون غير موثر قرار ڏيندي اڪلائي ڇڏيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *