توهان جي ووٽ جو احترام نه ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي مون ڪهڙي ڪرپشن ڪئي؟: نواز شريف

گجرانوالا (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ٽي مشن ريلي دوران گجرانوالا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته گجرانوالا واسيو نواز شريف اڄ اوهان جو مريد ۽ ممنون آهي، هن چيو ته جهڙيءَ ريت ڀرپور آجيان ڪئي وئي آهي، سڄي زندگي نه وساريندس، هن چيو ته عوام تمام گهڻي محبت ڏني آهي، جيڪو پيار اڄ مليو آهي، ان جو مثال نٿو ملي، هي پيار ۽ محبت ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندي آهي، خوش نصيب آهيان گجرانوالا واسي نواز شريف سان ايترو پيار ڪن ٿا، مان به ڪندو آهيان، مان گهر وڃي رهيو هيس ته مون کي گجرانوالا روڪي ورتو، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ججز جي بحالي لاءِ جڏهن لانگ مارچ گجرانوالا پهتو ته اعلان ٿيو ته ججز بحال ٿي ويا آهن، اڄ نواز شريف اوهان جي سامهون آهي، نواز شريف کي اوهان چونڊي وزيراعظم بڻايو هيو يا نه بڻايو هيو؟، نواز شريف کي اوهان وزيراعظم بڻايو هيو نه، اڄ نواز شريف کي انهن ڪڍي ڇڏيو، رڳو ڪاغذن تي ڪڍي ڇڏيو، اوهان جي دلين مان نه ڪڍي سگهيا، سڀاڻي ٻيهر نواز شريف کي هي ماڻهو وزيراعظم بڻائي ڇڏيندا، منهنجو مقصد وزيراعظم بڻجڻ ناهي، پاڪستان جا مالڪ ويهه ڪروڙ عوام آهن يا ناهن؟، گجرانوالا جا مالڪ هتان جا ماڻهو آهن يا ناهن؟، مون کي ڪهڙي ڳالهه تي ڪڍيو ويو؟، لوڊشيڊنگ ختم ڪئي پئي وئي، ملڪ ترقي ڪري رهيو هيو، واپار وڌڻ شروع ٿيو هيو، نواز شريف چيو ته هتي ڪارخانا هلڻ شروع ٿي ويا، بيروزگاري گهٽجڻ شروع ٿي وئي، پاڪستان ۾ موٽر ويز بڻجي رهيون هيون، بجلي سستن اگهن تي اچڻ واري هئي، بيروزگاري جو خاتمو ٿي رهيو هيو، ملڪ ۾ امن قائم ٿي رهيو هيو، دنيا تسليم ڪري ٿي ته پاڪستان پرامن ٿي رهيو هيو، پوءِ ڪهڙو سبب هيو جو نواز شريف کي ڪڍيو ويو، پاڪستان جو امن راس نه آيو، ماڻهن کي برداشت نه ٿيو، ڌرڻا ڏيڻ شروع ٿي ويا، هي ماڻهو سوچي رهيا هئا نواز شريف ڪامياب ٿي ويو، 2018 ۾ به اچي ويندو، هن چيو ته منهنجي خلاف فيصلو ڏيڻ وارئو، قوم جو فيصلو به ڏسو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *