توشه خان ريفرنس: آصف زرداري، نواز شريف ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو، تاريخ مقرر

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيو عدالت ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 9 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي سومر تي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج اصغر علي توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي اڳوڻو صدر آصف زرداري ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيو آصف زرداري جي پيشي جي موقعي تي سندس نياڻي آصفه ڀٽو به گڏ هئي جڏهن ته اڳوڻي صدر ڪرونا وائرس کان احتياطي اپاءُ وٺندي ماسڪ ۽ فيس شيلڊ به لڳائي هئي اڳوڻي صدر جي پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويا هئا جڏهن ته ان کان علاوه پ پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، مصطفيٰ نواز کوکر ۽ ٻيا به عدالت پهتا هئا جتي بلاول ڀٽو کيس عدالت جي ڪمري کان ٻاهر وڃڻ جي هدايت ڪئي جنهن کان پوءِ ٻڌڻي شروع ٿي ته بئريسٽر تصدق حنيف چيو ته مان سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل آهيان پر مون کي پوليس شيلڊ مان ڌڪو ڏنو جڏهن ته هڪ جوابدار کي به عدالت اچڻ کان روڪيو ويو ان سان گڏ آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته مان سينيئر ڪائونسل آهيان مون کي به عدالت داخل نه پئي ٿيڻ ڏنو ويو فاروق ايڇ نائڪ چيو ته هي فوجي عدالت نه آهي نه ئي ان ڪئميرا ٽرائيل آهي ان تي احتساب عدالت جي جج چيو ته مون کي به عدالت پيش ٿيڻ ۾ ڏکيائي ٿي مون کي به پوليس چيڪ پوسٽ تي روڪيو ويو جنهن کان پوءِ يوٽرن وٺي ٻئي رستي کان آيس جج چيو ته 6 هندن تي ته ناڪا لڳل هئا مان موٽر وي پوليس جي آفيس جي رستي جي ذريعي پٺئين رستي کان عدالت پهتس جنهن تي وڪيل چ يو ته اسان کي اوهان سان همدردي آهي ان تي جج چيو ته مان هن معاملي کي انتظاميه وٽ اٿاريندس ته جيئن ٻيهر اهڙي صورتحال نه ٿئي نيب پراسيڪيوٽر ۽ مددگار وڪيل ۾ منهن ماري به ٿي جتي مددگار وڪيل چيو ته هتي ميڊيا کي ٻڌائڻ لاءِ ڳالهيون نه ڪيون جنهن تي پراسيڪيوٽر نيب سردار مطفر عباسي کيس شٽ اپ ڪال ڏيئي ڇڏي ان تي عدالت ۾ وڌيڪ منهن ماري ٿي ۽ مددگار وڪيل چيو ته پهريان معافي ورتي وڃي پوءِ اڳتي وڌنداسين وڪيل چيو ته هر هر چيو پيو وڃي ته ڪيس هلايو وڃي ڪيس هلايو وڃي اسان ٻاهر بيٺا آهيون گڏ ئي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته جيڪڏهن اوهان ڪيس هلائڻ چاهيو ٿا ته پهريان ان تي فيصلو ڪرڻو پوندو ته وڪيل اوهان جي عدالت ۾ اچي سگهن ٿا فاروق ايڇ نائڪ چيو ته آصف زرداري بيمار آهي عدالت ڀريل آهي جيڪڏهن کيس ڪرونا ٿي ويو ته ڪير ذميوار آهي عدالت پڇا ڪئي ته آصف زرداري ڪٿي آهي ان تي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته آصف زرداري عدالت ۾ موجود آهي، جنهن تي اڳوڻي صدر روسٽرم تي اچي حاضري لڳائي ۽ صحيحون ڪيون ٻڌڻي دوران نوازشريف جي معاملي تي عدالت ان جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل منظور ڪري ورتي وڌيڪ اهو ته عدالت کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي به موخر ڪري ڇڏي هاڻي نوازشريف جي حد تائين ڪيس جي ٻڌڻي 25 آگسٽ تي ٿيندي جنهن کان پوءِ عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو عدالت چيو ته فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 7 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏيون ٿا ان دوران نوازشريف جي وڪيل بئريسٽر جهانگير جدون چيو ته اسان نوازشريف کي روپوش قرار ڏيڻ جو فيصلو هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين ڪارروائي روڪي وڃي جنهن تي ڪارروائي روڪي ويئي جنهن کان پو3 عدالت آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني، عبدالغني مجيد ۽ انور مجيد تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 9 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي عدالت آصف زرداري ۽ ٻين جوابدارن کي 9 سيپٽمبر تي طلب به ڪري ورتو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *