توانائي جي چيلنجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ عملي بندوبست ڪري رهيا آهيون: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي  (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيوته توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. حڪومت جيڪو به منصوبو شروع ڪيو اهو مڪمل ڪيو آهي، گيس تي هلندڙ ٽي بجلي گھر جلد ڪم شروع ڪندا. هلندڙ سال پاڪستان جي واڌ جي شرح 5.3 سيڪڙو رهي، ايندڙ سال هي شرح 6 سيڪڙو ٿي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر پورٽ قاسم تي ايل اين جي ٽرمينل جي افتتاح جي موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا، وزيراعظم چيو ته 2013 ۾ جڏهن حڪوت سنڀالي ته ملڪ ۾ توانائي جو سخت بحران هيو جنهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گيس کي نظام ۾ شامل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي.، پاڪستان گيس پورٽ ڪنسورشيم جي سهڪار سان ٽرمينل لڳايو ۽ اقبال زيڊ احمد محنت سان ٽرمينل منصوبي کي مڪمل ڪيو، ان  ڪنسورشيم  چين ، جاپان ۽ يورپ جون ڪمپنيون شامل آهن هن چيو ته پاڪستان ۾ ايل اين  جي  سڀ کان سستو ٻارڻ آهي اسان مختلف ذريعن سان بجلي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ توانائي جي گھرج پوري ڪرڻ جي لاءِ منصوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته بجلي جي کوٽ سبب صارفين ۽ صنعتون متاثر ٿي رهيون آهن ۽ ڀاڻ جا ڪارخانا ۽ گھريلو صارفين کي گيس جي کوٽ هئي، گيس تي هلندڙ ٽي بجلي گھر جلد ڪم شروع ڪندا. هن چيو ته ٻئي ايل اين جي ٽرمينل لڳائڻ سان اسانکي  جھجھي گيس مهيا ٿيندي، ملڪ ۾ گيس سان بجلي پيدا ڪندڙ وڌيڪ بجلي گھر به لڳي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته گيس پلانٽ، سي اين جي ۽ صنعتي ضرورتن سبب گيس جي گھرج هڪ پي سي ايف آهي. ايندڙ ٽن سالن ۾ ايل اين جي جي گھرج 30 ملين ٽن کان وڌي ويندي، هن چيو ته اميد آهي ته ملڪ ۾ وڌيڪ ايل اين جي  ٽرمينل لڳندا.  هن چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ڪم ناهي پر  ريگوليٽري فريم ورڪ فراهم ڪرڻ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي صوبن ۾  سيڙپ جا بيشمار منصوبا موجود آهن ۽ ايل اين جي ۾ تمام گھڻي سيڙپ ٿي سگھي ٿي، سيڙپڪار ايل اين جي سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي سيڙپ ڪن حڪومت کي  مراعتون ۽ تحفظ ڪندي. وزيراعطم چيو ته ڪوئلي سان تيار ٿيندڙ 360 ميگا واٽ بجلي گھر جو منصوبو مڪمل ٿيڻ وارو آهي ان سان وڌيڪ بجلي گھر تيار ڪيا پيا وڃن، هي بجلي گھر تيار ٿيڻ سان توانائي جو بحران  ختم ٿيندو پاڪستان ترقي  ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *