توانائي جي جاري منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪيو وڃي: نواز شريف

pm_ongoingpowerprojectاسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ توانائي جي جاري منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ توانائي جي جاري منصوبن ۾ اڳڀرائي بابت جائزو ورتو ويو وزيراعظم کي ملڪ جي مختلف حصن ۾ جاري توانائي منصوبن ۽ ايندڙ مهينن ۾ ملڪ ۾ بجلي جي دستيابي بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته عوام جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي توانائي جي جاري منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي ۽ ان سڄي عمل ۾ شفافيت جي معيار کي برقرار رکيو وڃي وزيراعظم چيو ته عوام کي بجلي جي فراهم يقيني بڻائڻ تي گهڻي توجهه ڏني وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *