تنگواڻي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ سئوٽ هٿان سئوٽ جي زال کي گوليون هڻي قتل، نوجوان زخمي، ڌريون مورچا بند

تنگواڻي(م.ڊ) تنگواڻي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار سئوٽ جي زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ نوجوان زخمي ٿي پيو.. ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي ڳوٺ پيارو باجڪاڻي ۾ جوابدار پپو باجڪاڻي ڪارنهن الزام هيٺ سوٽ جِي گهرواري مسمات پيروزان خاتون کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ ۾ نوجوان منصب گجراڻي به سخت زخمي ٿي پيو، واقعي کانپوءِ جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو. زخمي ٿيل نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ ڪنڌڪوٽ پهچايو ويو، بعد ۾ رحيم يار خان موڪليو ويو. واقعي کانپوءِ ٻئي ڌريون مورچابند بڻجي ويون آهن.. پوليس پهچي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تنگواڻي سول اسپتال آندو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *