تمام چئلينجن باجود سر بلند ٿيڻ ڄاڻون ٿا: آرمي چيف

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته پاڪستاني پر امن ۽ راندين سان محبت ڪندڙ قوم آهي، سمورن چيلنجن جي باوجود سربلند ٿيڻ ڄاڻي ٿي. 21 آڪٽوبر کان خنجراب کان شروع ٿيل موٽر ريلي گوادر ۾ پڄاڻي تي پهتي. آءِ ايس پي آر موجب پڄاڻي واري تقريب ۾ آرمي چيف ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سردار ثناءُ الله زهري شرڪت ڪئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ريلي جي انتظاميا ۽ شرڪت ڪندرن کي داد ۽ ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هر چيلينج جي باوجود اسان اڀرڻو ئي آهي، ڪامياب موٽر ريلي پرامن پاڪستان جي دعويٰ جو ثبوت آهي. هن وڌيڪ چيو ته خنجراب کان گوادر هر پاڪستاني امن ۽ ترقي جو خواهشمند آهي، بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، بلوچستان جي ترقي ۾ سي پيڪ منصوبي جي ڪاميابي مضمر آهي. بلوچستان جي اقتصادي ۽ معاشرتي ترقي لاءِ پاڪ فوج صوبائي حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *