تمام جلد شادي ڪنديس،شادي ڪرڻ جو اهم ڪارڻ ٻارن سان چاهه آهي: پريانڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا شادي جي خوهش ظاهر ڪندي چيو ته مان گهڻا ٻار چاهيان ٿي،پئسي يا ملڪيت جي ڪري ڪنهن سان شادي نه ڪنديس،منهنجي زندگي ۾ ڪو به ماڻهو آيو ته هيرن جي ڪري نه ايندو.هڪ انٽرويو ۾ پريانڪا جو چوڻ هو ته مان هميشا کان ٻارن جو چاهه ڪيو آهي تمام گهڻا ٻار ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو مان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي.اداڪارا چيو ته منهنجي زندگي ۾ ڪو به ماڻهو رڳو ان وقت ايندو،جڏهن مونکي محبت ٿي ويندي ۽ اهو ئي ڪارڻ هوندو جو مان شادي به ڪنديس ۽ ٻارن کي گهڻو پسند ڪندي آهيان جنهن جي ڪري به مونکي شادي ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو وقت به جلد ايندو جڏهن مون کي ڪنهن سان محبت ٿي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *