تمام جلدي سينيمائن تي قومي فلمن جي هڪ هٽي قائم ڪنداسين: همايون سعيد

لاهور (شوبز نيوز) مشهور اداڪار همايون سعيد چيو آهي ته اسان تمام جلد گڏ ٿي پنهنجي سينيمائن تي قومي فلمن جي هڪ هٽي قائم ڪنداسين. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته گذريل ٽن سالن دوران اسان جي فلمن جي ڪاميابياسان کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي سرخرو ڪيو آهي. اسان چاهيون ٿا ته ڀارتي فلمن کان بهتر فلمون ٺاهيون ۽ اسان کي ڀارتي فلمن جي ضرورت ئي نه پئي. هن چيو ته عيدالفطر تي پڻ اسان ميدان کٽيو. هاڻي عيد الاضحيٰ تي پڻ ”هلا گلا“ ۽ ”جواني ڦر نهين آني“ جي رليز عوام کي سٺي تفريح کان لطف اندوز ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *