تعليم سان ئي دنيا جي قومن جي چئلينز جو مقابلو ڪري سگهون ٿا: نثاراحمد کهڙو

ڪراچي (اين اين آءِ) دنيا جي قومن جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ شاگرد تعليم سان سرشار ٿي ميدان عمل ۾ اچن ڇو ته تعليم وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ تعليم عام ڪرڻ لاءِ عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻو پوندو حڪومت به تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي پر حڪومت سان گڏوگڏ پرائيويٽ تعليمي ادارن جي ذميواري آهي ته هو حڪومت جو ساٿ ڏين اهڙن خيالن جوا ظهار تعليم جي صوبائي وزير نثار کهڙو پرسٽين انسٽيٽيوٽ آف مئنجمينٽ سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جي سالياني ڪانوڪيشن کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ جو چيئرمين منور احمد، ايڊوائيزر عاصم نظير احمد ڊائريڪٽر جنرل محمد احمد جان فئڪلٽي ميمبرن شاگردن جي مٽن مائٽن ۽ شهر جي نيڪ مردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. صوبائي وزير نثار کهڙو چيو ته هاڻي جديد دور ۾ سڄي دنيا ۾ هٿيارن جي ڊوڙ ختم ٿيندي پئي وڇي ڇو ته انهن قومن جديد ٽيڪنالوجي ۽ تعليم ذريعي حڪمراني جو پلان جوڙيو آهي اسان کي به هٿيار نه پر قلم سان ايئن ئي ڪرڻو پوندو ٻي صورت ۾ ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندو انلاءِ اسان کي سنجيدگي سان غور ڪري قلم ذريعي پنهنجو پاڻ کي پنهنجي قوم ۽ سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو ڇو ته بک بدحالي بيروزگاري مهانگائي ۽ دهشتگردي جهڙا مسئلا به اسان تعليم ۽ سمجهنداري روشن خيال برداشت ۽ تحمل سان ختم ڪري سگهون ٿا تنهنڪري شاگردن کي گهرجي ته پرسٽين انسٽيٽيوٽ جهڙي تعليمي اداري مان فائدو وٺڻ ۽ والدين ۽ استادن جو احترام ڪن ۽ تعليم کي ئي پنهنجو جهاد جو هٿيار بڻائين ڇو ته علم ئي مضبوط پليٽ فارم ترقي جي ضمانت آهي جنهن جي ذريعي اوهان کي بهترين روزگار جا موقعا پڻ ملندا. انسٽيٽيوٽ جي چيئرمين منور احمد چيو ته شاگرد قوم جي مستقبل جو سرمايو آهن ان لاءِ اسان جيڪا تعليم ڏيئي رهيا آهيون ان سان نئين نسل کي جديد ٽيڪنالوجي سان گڏوگڏ پنهنجن وسيلن مان به چڱي طرح فائدو وٺڻو پوندو ته جيئن ملڪ کي خوشحال بنائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهون. ڊائريڪٽر جنرل محمد احمد جان چيو ته هن وقت قوم کي نت نيئين چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي تنهنڪري شاگرد سائنسي ٽيڪنالوجي جي ذريعي ئي قوم جي معاشي نظام کي مستحڪم ۽ مضبوط بڻائي سگهن ٿا آخر ۾ خاص مهمان نٿار احمد کهڙو انسٽيٽيوٽ جي چيئرمين منور احمد ڊائريڪٽر جنرل محمد احمد جان شاگردن ۾ گولڊ ميڊل ۽ ڊگريون ورهايون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *