تعليم ذريعي ئي دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي سگهجي ٿي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته تعليم کاتي ۾ ڀرتيون صرف ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وڃن ڇاڪاڻ ته تعليم اهو واحد هٿيار آهي جنهن ذريعي دهشتگردن خلاف سٺي نموني جنگ وڙهي سگهجي ٿي، انڪري مان ڪنهن کي به ميرٽ تي سمجهوتو ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندس. هن اها ڳالهه اڄ سومر ڏينهن وزير اعليٰ هائوس ۾ 66 ملين ڊالرن جي عالمي بينڪ جي سهڪار سان سنڌ گلوبل پارٽنرشپ فار ايجوڪيشن (ايس جي پي اي) پروگرام بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ تعليم وارو سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ، وڏي وزير جو يونيورسٽي اينڊ بورڊز وارو سيڪريٽري اقبال دراني، تعليم وارو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو، ناڻي وارو سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ٻيا شامل هئا. هن چيو ته اڃا به سنڌ صوبي ۾ ٽي هزار (3000) کان وڌيڪ اسڪولن جي بند هئڻ بابت رپورٽس مليون آهن. انهيءَ تي تعليم واري صوبائي وزير نثار احمد کهڙي چيو ته 1100 نان وائيبل اسڪول صوبي ۾ موجود آهن جن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. جنرل مشرف جي دور ۾ ناظمن انهن اسڪولن کي غيرضروري طور تي تعمير ڪرايو هو. 200 آباديءَ تي ٻڌل ڳوٺ ۾ چار کان پنج اسڪول تعمير ڪيا ويا هئا. سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي هدايتون ڏنيون ته هُو 1100 نان-وائيبل اسڪولن جي عمارتن جا تفصيل حاصل ڪري ته جيئن انهن جي بهتر طريقي سان استعمال کي ممڪن بڻائي سگهجي. هن چيو ته اها فهرست ضروري سفارشن سان گڏ پيش ڪئي وڃي. تعليم واري صوبائي سيڪريٽري چيو ته ٽيچنگ اسٽاف جي گهٽتائي ڪري تقريبن 2500 اسڪول سڄي صوبي ۾ بند آهن. هن چيو ته جڏهن سرڪار ڀرتيون تان پابندي هٺائيندي ته اسان ڀرتيون شروع ڪنداسين. هن چيو ته جڏهن وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پنهنجي ٻئي حڪومتي دور ۾ اقتدار سنڀاليو، ان وقت 8000 اسڪول بند هئا پر سنڌ سرڪار جي مسلسل ۽ مربوط ڪوششن ۽ قدمن جي بدولت ڪيترائي بند اسڪول فعال بڻايا آهن پر اڃا به 2500 اسڪولن کي فعال بڻائڻو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪيترن ئي اسڪولن ۾ وڌيڪ اسٽاف آهي انڪري جن اسڪولن ۾ وڌيڪ اسٽاف آهي اتان کان انهن کي بند اسڪولن ڏانهن بدلي ڪيو وڃي. هن تعليم واري وزير نثار احمد کهڙو کي هدايت ڪئي ته هُو ان مامري کي ذاتي طور تي ڏسي. ايس جي پي پروگرام بابت تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهي چيو ته اهو عالمي بينڪ جي 66 ملين ڊالرن جي ماليت وارو منصوبو آهي جنهن لاءِ ورلڊ بينڪ 22 ملين ڊالرن جي رقم جاري ڪري ڇڏي آهي. ان پروگرام جي مقصدن ۾ مانيٽرنگ اسٽريڪچر جو قيام جهڙو ڪارڪردگي، سرڪاري اسڪولن جي نظام ۾ شفافيت کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. هن چيو ته ان منصوبي ۾ سنڌ اسڪول مانيٽرنگ سسٽم جو قيام به شامل آهي، جنهن تحت ڊيٽا ڪليڪشن، تجزيا ۽ اسڪول ليول انڊيڪيٽرز جا انگ اکر بشمول شاگردن جي انرولمينٽ ۽ استادن جي موجودگي شامل آهي. تعليم واري سيڪريٽري چيو ته ڊيٽا ماهوار طور گڏ ڪرڻ پوندو ۽ ڪليڪشن آزاداڻي مانيٽرز تحت ٿيندي ۽ 30 جون 2016ع تائين چار ماهوار رپورٽس جنريٽ ٿي سگهنديون. تعليم واري صوبائي وزير نثار احمد کهڙي چيو ته 225 مانيٽرنگ اسسٽنٽس يا جن کي سپروائيزر به چئي سگهجي ٿو کي آءِ بي اي جي ٽيسٽ ذريعي چونڊيا ويا آهن جيئن وڏي وزير هدايت ڪئي هئي. هن چيو آهي ته 29 جونيئر ڪلارڪن ۽ 11 ڊيٽا پروسسنگ آپريٽرز ۽ ٻيا هوندا. سنڌ جي وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته مانيٽرنگ سسٽم کي موثر طريقي سان هلايو وڃي. هن چيو ته ان جو مقصد مناسب تعليمي نظام آهي جنهن ۾ استادن ۽ شاگردن سميت هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *