تعليم حاصل نه ڪرڻ تي شرمندگي جو احساس اڄ تائين آهي: سونم ڪپور

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي ڪنهن نئين فلم آڏو ڀارت جي فلم کي رليز ڪرڻ جي روايت برقرار. تفصيل مطابق نئين پاڪستاني اردو فلم ”ديوداس” جي نمائش جي مقابلي ۾ پراڻي ڀارتي فلم ”ديوداس” کي به رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان فيصلي تي فلمي حلقن جي سنجيده ڌرين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جڏهن به ڪا سٺي پاڪستاني فلم ٺهندي آهي ته ان جي آڏو ڀارتي فلم کي پيش ڪيو ويندو آهي. انهن چيو ته ”ديو داس” فلم جي مرڪزي ڪردار نديم شاهه جي محنت جي ڪمائي سان ٺهيل ان فلم کي اڪيلي سر بزنيس جو موقعو ملڻ گهرجي. واضح رهي ته 1980ع ۾ به پاڪستان جي مشهور فلم ”هم دونون” جي سامهون ڀارتي فلم ”نورجهان” کي پيش ڪيو ويو هو پر ”هم دونون” ڪامياب رهي ۽ ”نورجهان” فلاپ ٿي وئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *