تعليمي اداري تي حملو نهايت افسوسناڪ آهي، عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چارسده جي باچاخان يونيورسٽي تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته تعليمي اداري تي حملو نهايت افسوسناڪ آهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي مڪمل اعتماد اهي دسمن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هن ڏکئي گهڙي ۾ شاگردن ۽ والدين سان گڏ آهيون ۽ دهشتگردن جي حملي ۾ زخمي ٿيندڙن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي عمران خان چيو ته پرويز خٽڪ پرڏيهي دوري تي اسڪاٽ ليند ويل آهي جڏهن ته کيس فوري طور تي واپس گهرايو ويو اهي هن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول کان پوءِ سڄي قوم هونئن به متحد هئي مان ڏسندس ته اسان جون ڪهڙيون غلطيون آهن اهي ڪيئن ٺيڪ ڪري سگهجن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *