ترڪي ۽ پاڪستان جي ڀائراڻي لاڳاپن کي هاڻي جٽادار ڀائيواري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: جنرل قمر جاويد باجوه

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ترڪي جي بچاءُ واري وزير جنرل رٽائرڊ هلوسي آڪر ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي مامرن، علائقائي امن ۽ دفاع سميت سيڪيورٽي تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي آءِ ايس پي آر مطابق ملاقات دوران آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن جي عظيم تاريخ آهي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته انهن لاڳاپن کي جٽادار ڀائيواري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف سان ملاقات دوران ترڪي جي بچاءُ واري وزير پاران علائقائي امن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ويو بچاءُ واري ترڪ وزير پاڪ فوج جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪوششن جي به ساراهه ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *