ترقين جي معاملي کي صوبائيت جو رنگ ڏيڻ مناسب ناهي، ترقيون ميرٽ تي ٿيڻ گهرجن: وزير اعظم

اسلام آباد (بيوروِ) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو ته ڪنهن به حڪومت کي ملڪ ۽ قوم جي نقصان جو فيصلو نه ڪرڻ گهرجي ترقين جو معاملو ميرٽ تي ڏسندس ۽ رپورٽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سان شيئرز ڪندس ترقين کي صوبائيت کي رنگ ڏيڻ غلط ڳالهه آهي ترقيو اهليت ۽ صلاحيت جي بنيد تي ٿيڻ گهرجن ٽئين درجي جي سفارشي کي اول درجي تي ترجيحي ڏيڻ اسان جي پاليسي نه آهي عوام سان انصاف ڪرڻو آهي ته اصولن تي هلڻو پوندو خورشيد شاهه جلد گهٻرائجي ويندو آهي اسان صبر ۽ تحمل سان ڪم ڪنداسين اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ سيد خورشيد شاهه پاران سول سروس ۾ ترقين جي معاملي تي اٿاريل پوائنٽ آف آرڊر جي سوالن جي جواب ۾ چيو ته سيد خورشيد شاهه جيڪو معاملو اٿاريو آهي ڪالهه به اهو معاملو اٿاريو هو ان تي مختصر مان هي چوندس ته هي معاملو ڪنهن هڪ صوبي جو نه آهي ۽ نه ئي سنڌ بلوچستان پنجاب ڪي پي ڪي آزاد ڪشمير يا گلگت بلتستان جو آهي پر هي معاملو ميرٽ جو آهي ۽ ان لاءِ اڃا تائين ان جو مون وٽ تفصيل ناهي آيو هڪ ننڍي نوٽ واري سمري آئي آهي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي چئرمين پروموشن بورڊ جو چيئرمين به هوندو آهي چار ئي چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا ان جا ميمبر آهن 20 کان 21 گريد ۾ ترقي لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن تي غور ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن کي ڊراپ ڪيو ويو هي ڪنهن صوبي جو معاملو نه آهي منهنجو ان معاملي سان ڪوبه تعلق نه آهي مان چيئرمين کي نٿو سڃاڻان ته هي ڪير آهي هي پيپلزپارٽي جي دور حڪوتم ۾ ميمبر بڻايو ويو هو ۽ چيئرمين جي رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ وقتي چيئرمين ٿيو آهي اسان هن معاملي کي تڪراري نه پيا بڻايون اسان صوبائيت جو رس نٿا ملهائڻ چاهيون پهريان به 21هين گريڊ ۾ جيڪي ماڻهو پرموٽ ٿيا هئا ان مان ڪجهه ماڻهو عدالت ۾ ويا ۽ اسٽي آرڊر حاصل ڪيو جنهن جي جواب ۾ حڪومت سپريم ڪورٽ ويئي ته عدالت فيصلو حڪومت جي حق ۾ ڏنو 20هين کان 21هين گريڊ ۾ ترقي لاءِ انهن ماڻهن جي شهرت کي ڏسڻ گهرجي انهن جي ماضي جي ڪيريئر کي ڏسڻ ضروري آهي يا نه اسان پاڪستان پنجاب ۽ بلوچستان اندر ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون آهن اسان اصولي موقف اختيار ڪيو هو جيڪڏهن پاڪستان جي عوام سان انصاف ڪرڻُ آهي ته ميرٽ تي فيصلا ضروري آهن هي نٿو ٿي سگهي ته ٿرڊ ڪلاس کي سفارش تي ڀرتي ڪيون ۽ فرسٽ ڪلاس جنهن جي ڪائي سفارش نه هجي ان کي محروم ڪري ڇڏيون هي قوم سان ناانصافي ٿيندي اسان قوم سان انصاف ڪرڻچاهيون ٿا ڪير پنجابي سنڌي پٺاڻ بلوچ آهي هي فرق ڪرڻ اسان جو حق نه آهي اهو چوڻ ته ايترا پنجابي پرموٽ ٿي ويا سنڌي نه ٿيا يا ٻيا نه ٿيا ٺيڪ نه آهي اسان ميرٽ رکي آيه ان تي پورو لهندڙن کي انهن جو حق ضرور ملندو جيڪڏهن ايئن نه ڪيون ته پوءِ ميرٽ ۽ شفافيت کي ڇڏي ڏيون وزراعظم چيو ته هي معاملو مون وٽ ايندو ته مان ان کي چڱي طرح ڏسندس ۽ پوءِ خورشيد شاهه سان شيئر ڪندس ته ٻڌائي ڪٿي زيادتي ۽ ناانصافي ٿي آهي جيڪڏهن ڪائي نظر آئي ته ان کي ٺيڪ ڪدناسين وزيراعظم چيو ته خورشيد شاهه جلد ئي گهٻرائي وڃي ٿو اسان صبر ۽ تحمل سان ڪم ڪنداسين جيڪڏهن اسان لاءِ ٺيڪ آهي ته معاملو حل ڪنداسين ان جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته اسان گهٻرائڻ وارا نه آهيون اسان وڏن وڏن طوفانن سان ٽڪرائڻ وارا آهيون اسان طوفانن سان ٽڪرائي اوهان کي محفوط رستو ڏنو آهي سيد خورشيد شاهه چيو ته مان وزراعظم جي ڳالهه سان 100 سيڪڙو متفق آهي ته ميرٽ تي ڪائي سوديبازي نه ڏيڻ گهرجي مان وزيراعظم جي نيت ۾ کوٽ نٿو ڏسان اوهان جا ڪن اکيون اوهان جا دوست هوندا آهن اهي ٻڌائيندا ته ڇا ڪرڻو آهي هن چيو ته مان يقين ڪيان ٿو ته جيڪو ڪجهه وزيراعظم چيو ان تي پورو لهنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *