تربت سانحي ۾ مارجي ويلن جا لاش اباڻن علائقن ۾ آلين اکين سان مٽيءُ ماءُ حوالي، سوڳ وارو ماحول ڇانيل

مٺي/رحيم يار خان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تربت سانحي ۾ مارجي ويل پورهيتن کي سندن اباڻن علائقن آلين اکين سان دفنايو ويو، تربت ۾ افسوسناڪ واقعي ۾ رحيم يار خان جي 13 پورهيتن جا لاش سي ون ٿرٽي جي ذريعي پنو عاقل پهچايا ويا اتان کين ايمبولنس ۾ ڪوٽ سبزل پهچايو ويو، لاش اباڻن علائقن ۾ پهتا ته علائقن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو ان موقعي تي هر اک آلي  هئي مارجي ويل 7 ڄڻا سيٺار احمد مٺو، ملڪ حاجي محمد الدين، عبدالرحمان، طاهر زمان ۽ عاشق جي جنازي جي نماز گلاب چوڪ ۾ ادا ڪئي وئي. بلاول جي جنازي نماز اباڻي علائقي قمو شهيد ۾ ادا ڪئي وئي. مارجي ويل پنج ڄڻا ارشاد، فاروق ، ممتاز ، ساجد ۽ افضل جي جنازي نماز اسماعيل ماڇي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سندن وارثن سميت مٽن مائٽن کانسواءِ علائقي جي اهم شخصيتن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ فوتين کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن بلوچستان جي علائقي تربت ۾ دهشتگردن جي پورهيت ڪيمپ تي فائرنگ جي تيجي ۾ مارجي ويل اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ چوڻهار جي رهواسي هڪ ئي ڪٽنب جي پنجن پورهيتن جا مڙهه گذريل ڏينهن حيدرآباد رستي اباڻي علائقي پهچايا ويا. مارجي ويلن ۾ ٻه سڳا ڀائر سوڀدار ۽ مجنون ولد خميسو، مجيد ولد سونهارو، ڪارو ولد لقمان ۽ نالي مٺو ولد پيارو شامل هئا. پنجن ئي پورهيتن جو تعلق مڪواڻا برادري سان هو. رات هڪ وڳي ڌاري حيدرآباد کان ايمبولينسن ذريعي سندن مڙهه اباڻي علائقي پهچايا ويا. ڊي سي ٿرپارڪر محمد آصف جميل ٿر پهچڻ تي مقتول پورهيتن جا لاش وصول ڪيا. جيڪي بعد ۾ ڊي سي ۽ ايم اين اي فقير شير محمد بلالاڻي ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، پ پ اڳواڻ محمد نين بجير کڻائي سندن ڳوٺ پهچايا. جتي صبح نائين وڳي سندن جنازي نماز ادا ڪئي ويئي. جنازي نماز ۾ ڊي سي ٿرپارڪر، ايم اين اي فقير شير محمد بلالاڻي، ايم پي اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي کان علاوه علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز بعد مڙهه اباڻي قبرستان ۾ دفنايا ويا. هڪ ئي ڳوٺ جي هڪ ڪٽنب سان تعلق رکندڙ پنجن پورهيتن جا مڙهه کڄڻ تي قهرام مچي ويو ۽ سڄي ڳوٺ ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *