تخريبڪاري جا واقعا دهشتگردن ۽ ”را“ جي سمجهوتي جو نتيجوآهي: خواجه آصف

سيالڪوٽ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف جنگ جاري اهي پر ڀارت پاڪستان ۾ تخريبڪارن جي حمايت ڪري رهيو آهي. سيالڪوٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خواجه آصف جو چوڻ هو ته پاڪستان جو دشمن هڪ آهي اُن جا چهرا 2 آهن جنهن ۾ هڪ ملڪ جي اندر ۽ ٻيو سرحد پار آهي ۽ ٻنهي وچ ۾ وطن عزيز خلاف سمهجوتي جو نتيجو آهي. هن چيو ته فوج ملڪ اندر ۽ پرڏيهي دشمنن سان هڪ ئي وقت وڙهي رهي آهي جنهن ۾ هٿياربند فوج ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ کٽڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه آپشن موجود ناهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت سمورن ملڪي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ايندڙ سال ۾ ملڪ مان لوڊيشنگ جي اوندهه ختم ڪئي ويندي. هن چيو ته 56 ارب روپين جي لاڳت سان سيالڪوٽ کان لاهور ايڪسپريس بڻايو ويندو جڏهن ته ترقياتي منصوبن تي 120 ملين روپيا خرچ ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *