تحفظ حرمين شريفين اسان جو منشور آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) قومي ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته تحفظ حرمين  شريفين اسان جو منشور آهي حڪمران آمريڪا جا اتحادي بڻجي رهيا آهن پارليمينٽ جي قرارداد بابت اسان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو يمن ۾ شيعا سني جو نالو استعمال ڪيو پيو وڃي اولهه مسلم قوم کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيو آهي جنهن کان اسان کي هوشيار رهڻو پوندو اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعيت علماءِ اسلام ڄمون ۽ ڪشمير جي اعليٰ سطحي وفد جنهن جي قيادت امير جي يو آءِ ڄمون ۽ ڪشمير مولانا سعيد يوسف ڪري رهيو هو پنهنجي رهائشگاهه تي هو ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو وفد ۾ شيخ التفسير حضرت مولانا محمد اسحاق خان مدني سرپرست مولانا قاري عبدالمالڪ توهيدي، مولانا عبدالحئي مولانا قاري افضل خان، مولانا قاري عبدالماجد مولانا يونس شاڪر، مولانا هدايت الله مولانا سليم اعجاز ۽ ٻيا شامل هئا مولانا فضل الرحمان چيو ته غلط تاثر ڦهلايو پيو وڃي ته شيعن جو قتل عام ٿي رهيو آهي، صدام معمر قذافي شاهه فيصل ۽ ياسر عرفات سني هئا سامراجي طاقتون ڪنهن ٻئي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن هن چيو ته ايران پاڻ چوي ٿو ته حوثي باغي شيعا نه آهن ته پوءِ شيعا سني جي ڳالهه ڇو ٿي ڪئي وڃي سعودي عرب علائقائي تحفظ ڪري رهيو آهي هي ان جي ذميواري آهي پر ايران کي ڪهڙي صرورت آهي جو هو يمن ۾ مداخلت ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *