تحريڪ پاڪستان جي ڪارڪنن جون خدمتون فراموش جوڳيون ناهن : خواجا سعد رفيق

ڪراچي (اين اين آءِ) وفاقي وزير ريلوي خواجا سعد رفيق چيو آهي ته تحريڪ پاڪستان جي ڪارڪنن جون خدمتون فراموش ڪرڻ جوڳيون ناهن جنهن سان نوجوان نسل کي آگاهي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي انهن ڪارڪنن مان باباءِ خيرپور ۽ ڪارڪن تحريڪ پاڪستان حضرت مرشد شاهين گورايا مرشدي، قائداعظم ۽ علامه اقبال تصور ۽ فرمان جي ترويج ۽ اشاعت لاءِ دير نه ڪندا هئا اهڙن خيالن جو اظهار هن تحريڪ پاسڪتان جي ڪارڪن دانشور، صحافي باباءِ خيرپور پير طريقت حضرت مرشد شاهين گورايا جي چوٿين ورسي جي موقعي تي سندس ياد ۾ سينئر سٽيزن ڪائونسل پاڪستان ۽ جماعت مرشدي پاڪستان جي اهتمام هيٺ آستانه عالي مرشديه ۾ ڪوٺايل ريفرنس آف ميموري مرشد شاهين گورايا مرشدي لاءِ ڏنل پيغام ۾ ڪيو. جنهن جا خاص مهمان جسٽس ريٽائرڊ سيد ديدار حسين شاهه ۽ دانشور سماجي اڳواڻ محفوظ نبي هئا. مقررن ۾ خالد گورايا، ريٽائرڊ چيف پوسٽ ماسٽر محمد ريحان، سيد عابد حسين شاهه، نياز راجپوت ۽ ٻيا شامل هئا. خواجا سعد رفيق چيو ته مرشد شاهين گورايا سڄي ڄمار پاڪستان جي نظريي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *