تحريڪ طالبان زخم ڏنا، هي طالبان حڪومت اڪرام الله کي اسان جي حوالي ڪري: رحمان ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ن ليگ جي قائد نواز شريف کي ڏيهه اچڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي. اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي شهادت تي لکيل ڪتاب ”محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي رحمان ملڪ چيو ته حڪومتي وزيرن جي بيانن سان لڳي رهيو آهي ته هو وائڙائپ جو شڪار آهن، بيانن سان لڳي پيو ته ڪٿي طوفان اٿيو آهي ۽ دال ۾ ضرور ڪجهه ڪارو آهي. هن چيو ته هي نواز شريف جو ملڪ آهي، کيس ڏيهه اچڻ کان ڪير روڪي نٿو سگهي، اُهو ته وقت ٻڌائيندو ته نواز شريف جي اچڻ سان حڪومت رهندي يا هلي ويندي، ڏسون ٿا ته هن کي آڻڻ بابت طريقيڪار ڪهڙو هوندو، فقط نواز شريف ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته هو ڇو ايندو. ۽ هو پاڪستان اچي ڇا ڪندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جڏهن به سرگرم ٿيندو آهي ته سياسي چال سوچي سمجهي کيڏندو آهي ۽ مخالفن کي شڪست ڏيندو آهي، نظر اچي رهيو آهي ته آصف زرداري هن وقت به درست سياسي چال استعمال ڪري رهيو آهي. اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ پ پ سينيٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ملوث 5 دهشتگردن جي لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ ضمانت منظور ڪئي، مون گهرووزارت کي دهشتگردن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي گذارش ڪئي هئي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ سينيٽر چيو آهي ته اهو تاثر غلط آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي ڪيس ۾ دهشتگردن جو ٽرائل نه ٿيو، شهيد بينظير جي قتل جي رٿابندي ڪندڙ عبدالرحمان عرف چٽان خيبرايجنسي ۾ ڊرون حملي ۾مارجي ويو، هن چيو ته ٽي ٽي پي جي موجوده سربراهه مفتي نور ولي پنهنجي ڪتاب ۾ بينظير ڀٽو جي قتل جو اعتراف ڪيو آهي، مان شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس بابت سموريون حقيقتون پنهنجي ڪتاب ۾ لکيون آهن، ماڻهو اهو پڙهي وٺن، اميد ته هاڻ افواهه ختم ٿي ويندا، هن چيو آهي ته بليو بوڪ موجب ان وقت جي حڪومت بينظير ڀٽو کي سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي هئي، جڏهن نواز شريف تي حملو ٿيو ته سموري سيڪيورٽي اتي موڪلي وئي، رحمان ملڪ چيو ته واقعي کان پوءِ فوري طور تي ڏوهه واري هنڌ کي ڌوتو ويو، پوليس آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ويو ته ڏوهن جا منظر ڇو ڌوتا ويا، محترمه جي شهادت وڏي سازش آهي، هاڻي ته حڪومت تحريڪ طالبان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي جنهن جي آئون مخالفت ڪريان ٿو، هن چيو آهي ته تحريڪ طالبان اسان کي زخم ڏنا آهن، تحريڪ طالبان هڪ دهشتگرد تنظيم آهي، افغان طالبان حڪومت اڪرام الله اسان جي حوالي ڪري، هن وڌيڪ چيو ته محترمه بينظير ڀٽو وڏي عرصي کان دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي هئي، اسامه بن لادن محترمه شهيد کي سياست مان ڪڍڻ لاءِ پئسا استعمال ڪيا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *