تحريڪ انصاف2013ع جي چونڊن کي فڪس قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جَي چيئرمين عمران خان، 2013ع واري اليڪشن کي فڪس قرار ڏيندي چيو آهي ته ڌانڌليون ڪندڙن کي سزا ملڻ تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، ڌرڻو اڃا هاڻ شروع ٿيوآهي، 30 نومبر تي هو ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته عام چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف هن آگسٽ ۾ ئي آواز اٿاريو هو پر ان وقت سندس هڪ به نه ٻڌي وئي. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ڌانڌلين لاءِ 55 لک واڌو بيلٽ پيپرز ڇپرايا ويا هئا، ن ليگ ڌانڌلين جا اڳوڻا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. ڪپتان جو چوڻ هو ته سعد رفيق جي تڪ لاءِ هڪ لک 24 هزار واڌو بيلٽ پيپرز ڇپرايا ويا هئا، وڏي ڳالهه اها آهي ته ميچ فڪسنگ ۾ اڳوڻو چيف جسٽس افتخار چوڌري به ملوث هو. عمران خان چيو ته کيس حيرت ان ڳالهه جي آهي ته چونڊن ٿيل ڌانڌلين ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت جو به وڏو هٿ هو. هـُن چيو ته 2013ع واري اليڪشن ۾ ڌانڌليون ڪندڙن کي سزا نه ملي ته اهي ايندڙ چونڊن ۾ به ڌانڌليون ڪرائيندا. عمران خان چيو ته جعلي مينڊيٽ سان اقتدار ۾ ايندڙ حڪمران ملڪ لاءِ ڪڏهن به بهتر نٿا سوچي سگهن. ڌرڻي بابت ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڌرڻو اڃا هاڻ شروع ٿيوآهي، 30 نومبر تي هو ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪندو. ڪپتان چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ٽيڪس چورآهن، اهي عوام تي ٽيڪس ڏيڻ لاءِ ڪئين ٿا زور ڀري سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *