تحريڪ انصاف ۾ شموليت بعد احساس ٿي ويو هو ته ان پارٽي جو مزاج منهنجي طبيعت سان هم آهنگ ناهي: جاويد هاشمي

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف جي مستعفي صدر ۽ سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ پهرين ڏينهن ئي مون کي احساس ٿي ويو هو ته ان پارٽي جو مزاج منهنجي طبيعت سان ٺهڪندڙ ناهي، مان پي ٽي آءِ جون اوڻايون ختم ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي.ڪڏهن گونگو پهلوان بڻجي نه ويٺس، عمران /ڏسوخان لنڊن مان واپس اچي مون کي ٻڌايو هو ته سندس ڊاڪٽر طاهر اقادري سان ملاقات ٿي آهي، جڏهن اسان ڌرڻو ڏينداسين ته طاهر القادري جا ڪارڪن اسان سان ملي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته مون عمران خان کي چيو ته اسان ان طرح جون حالتون پيدا ڪيون ته مارشل لا اچي سگهي ٿو جنهن تي عمران چيو ته اول ته اسلام آباد وڃڻ جي نوبت ئي نه ايندي، نواز شريف جي حڪومت ان کان اڳ ئي ختم ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن اسلام آباد ۾ ڌرڻو ڏيڻو به پيو ته نئون چيف جسٽس ان صورتحال جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺندو ۽ حڪومت جي برطرفي ۽ ٽيڪنو ڪريٽس جي حڪومت قائم ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ جي ڪنهن اجلاس ۾ نواز شريف جي استعيفيٰ جو مطالبو غور هيٺ نه آيو، اهو مطالبو عمران ڪنٽينر تي بيهي اوچتو ڪري ڇڏيو، ضمني چونڊن ۾ شڪست کان پوءِ پنهنجي ان پهرين تفصيلي انٽرويو ۾ جاويد هاشمي انڪشاف ڪيو ته ڪجهه اڳوڻا فوجي آفيسر ۽ ڳجهن ادارن جا طاقتور عنصر عمران خان جي پويان بيٺل هئا، منصوبو اهو هو ته سپريم ڪورٽ پاڻ مرادو نوٽيس وٺي سرچارج جي نالي تي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيندي ۽ نين چونڊن لاءِ ٽيڪنوڪريٽس جي حڪومت قائم ڪئي ويندي، هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف کان استعيفيٰ طلب ڪرڻ ڌرڻي جو بنيادي مقصد نه هو، عمران خان پارٽي جي اجلاس ۾ نه ان جي منظوري ورتي، نه ذڪر ڪيو ۽ نه ئي ڪو اشارو ڏنو، پارٽي جو رڳو هڪ ئي مطالبو هو ته ڌرڻي وسيلي ايندڙ چونڊن کي ڌانڌلي کان پاڪ رکڻ لاءِ اڻ ڌري اليڪشن ڪميشن جوڙائي وڃي، وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو هڪ ڏينهن ڪنٽينر تي بيهي عمران خان اوچتو ئي ڪري ڇڏيو، پارٽي ۾ اڳ ۾ ئي اهو طئي ٿيو هو ته ڊي چوڪ ۾ جلسو ڪري واپس اچبو، جنهن بعد عمران چوڻ شروع ڪري ڇڏيو ته ٻه يا ٽي ڏينهن ڌرڻي واري هنڌ تي رهي سگهون ٿا، جنهن تي مون اعتراض ڪيو ته توهان اسلام آباد ۾ قيام کي ڊيگهه ڏئي رهيا آهيو، جڏهن ته پارٽي ان جي منظوري ناهي ڏني، جنهن تي عمران خان چيو ته آخر ڪار ماڻهن ۾ به ته جوش ۽ جذبو پيدا ڪرڻو آهي، ڌرڻي جا مقصد هر گز اهي نه هئا، جن جو اظهار اڄ پي ٽي آءِ ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڌرڻي جا حدف ڏينهون ڏينهن تبديل ٿيندا رهيا، عمران خان پارٽي جي ڪور ڪميٽي آڏو سول نافرماني جي ڳالهه ڪئي ته سڀني ان جي مخالفت ڪئي پر عمران ڪنٽينر تي ويو ته اتي بيهي سول نافرماني تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پارٽي ۾ طئي ڪجهه هڪ ٿيندو رهيو ۽ اعلان وري ٻيا ٿيندا رهيا، هڪ ڏينهن عمران خان سمورن پارليامينٽيرينز کي سڏايو ۽ انهن کي استعيفيٰ ڏيڻ جو حڪم ڏنو، اهو ٻڌي سڀ پريشان ٿي ويا، خيبر پختونخواهه جي ايم اين ايز وڏي واڪي استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، مون کين سمجهايو هو ته ائين نه ڪريو ان سان بغاوت ٿي ويندي ۽ پارٽي ورهائجي ويندي، هن چيو ته وزيراعظم هائوس ڏانهن پيش قدمي نه ڪرڻ جو فيصلو اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو پر عمران خان چيو ته پارٽي جو مان اڳواڻ آهيان ۽ ڪو به فيصلو ڪري سگهان ٿو، مون ايتري قدر چئي ڏنو ته مان پاڪستان جو آئين هڪ پاسي رکي توهان سان ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، توهان چوندئو ته کوهه ۾ به ٽپو ڏئي ڇڏيندس پر هي نوجوان اسان جو مستقبل آهن، خدا جي واسطي انهن کي کوهه ۾ نه اڇلايو جنهن تي عمران خان چيو ته جيڪڏهن ته توهان کي وڃڻو آهي ته وڃي سگهو ٿا، اهو ٻڌڻ بعد مان هيٺ آيس، شيرين مزاري، شفقت محمود ۽ عارف علوي مون کي چيو ته عمران خان فيصلي تي نظرثاني ڪندو توهان انتظار ڪريو، مان ڪجهه دير انتظار ڪيو پر عمران مون وٽ نه آيو ۽ هن وزيراعظم هائوس ڏانهن وڌڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ مان واپس اچي ويس. هڪ سوال جي جواب ۾ جاويد هاشمي چيو ته ڌرڻن جو ڪو به مستقبل ناهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ شموليت لاءِ ڳجها اشارا رڳو هڪ ئي شخص ڏيندو هو جنهن جو نالو جنرل پاشا آهي، ڪيترائي ماڻهو پاشا جي اشاري تي ئي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيا، هن چيو ته جيڪڏهن هاڻي مارشل لا لڳو ته هي ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو، ان سوال جي جواب ۾ ته مسلم ليگ (ن) توهان کي پارٽي ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ته ڇا اوهان قبول ڪندا؟ جي جواب ۾ هاشمي چيو ته ان حوالي سان ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *