تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي پاران ڪراچي ۾ بلدياتي چونڊون گڏجي وڙهڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف سان گڏجي ڪراچي ۾ بلدياتي چونڊون گڏجي وڙهڻ تي اتفاق ٿي ويوآهي، اسلام آباد بار کي خطاب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق جو چوڻ هو ته ڪراچي جي تڪ اين اي 246 ۾ جماعت اسلامي پنهنجو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي اسان ان تڪ تي اليڪشن وڙهنداسين هن جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف طرفان ڪراچي ۾ بلدياتي ۽ ضمني اليڪشن گڏجي وڙهڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي ٺاهڻ جي آڇ ٿي جنهن تي ٻنهي تنظيمن ۾ اتفاق ٿي ويو آهي جڏهن ته جماعت اسلامي هڪ جمهوري پارٽي آهي ۽ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ پارٽي سان مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *