تحريڪ انصاف پيٽرول بحران کي حڪومت جي اندروني سازش قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پيٽرول بحران کي حڪومت جي اندروني سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته موجوده سرڪار گذريل حڪومت کان بدترين آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته ن ليگ جي حڪومت پاڻ ئي پيٽرول بحران پيدا ڪري سازش ڪري رهي آهي. پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته بجليءَ جي اگهه تي سرچارج ٽيڪس لڳائڻ ڀتو وٺڻ برابر آهي. هن چيو ته ن ليگ جي موجوده حڪومت پ پ جي گذريل سرڪار کان به وڌيڪ بدتر آهي. عمران خان چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي ٿي،پر هتي سرچارج لڳائي وئي،جڏهن ته 40 سيڪڙو بجلي تيل مان پيدا ٿي رهي آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڄو بار فوج تي وڌو ويو آهي،جڏهن ته عدليه جي مضبوطي بدران فوجي عدالتون قائم ڪيون ويون آهن،جيڪو جمهوري حڪومت جو ڪم ناهي. هن چيو ته پنجاب ۾ پيٽرول جو بحران پيدا ڪري چند خاندان امير ترين ٿي رهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته خدا جو شڪر آهي ته اسلام آباد ۾ ڌرڻو لڳل ناهي نه ته حڪومت پيٽرول بحران جو ذميوار به ڌرڻي کي قرار ڏئي ڇڏي ها، پر اها سازش هاڻي حڪمران جماعت جي اندر ئي آهي، ملڪ ۾ ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو آهي حڪمرانن جي خراب ڪارڪردگي بحرانن جي مٿان بحران پيدا ڪري رهي آهي، بجلي تي سرچارجز ورتي پئي وڃي ڪراچي ۾ جيئن ڀتو ورتو ويندو آهي اهڙي طرح حڪومت عوام کان ڀتو وصول ڪري رهي آهي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري پاران داخل ڪرايل درخواست جي جواب ۾ هن چيو ته مون وٽ 20 ارب روپيا ته نه آهن پر افتخار چوڌري خلاف ڪيس ضرور وڙهندس. عمران خان چيو ته ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن نه جوڙي وئي ته حڪومت کي هلڻ نه ڏنو ويندو. پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته پشاور سانحي جي شهيد ٻارڙن جي چاليهي جي موقعي تي هو اڄ ڏکويل والدين کي گهرائي ساڻن ڏک ونڊڻ چاهي ٿو. عمران خان وڌيڪ چيو ته موجوده حڪمران واپاري آهن، جيڪي ملڪ تي ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجي واپار تي ڌيان ڏئي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *