تحريڪ انصاف پاناما ڪيس لاءِ وڪيلن جي 4 رڪني ٽيم جوڙي ڇڏي، گهڻا ثبوت مليا آهن: عمران خان

اسلام آباد (م.ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اسان پاناما ڪيس لاءِ وڪيلن جي 4 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن جي سربراهي نعيم بخاري ڪندو. بني گالا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته پاناما ڪيس لاءِ چئن وڪيلن تي ٻڌل ٽيم جوڙي رهيا آهيون، جنهن جي سربراهي نعيم بخاري ڪندو، ڇو ته درخواست به ان ئي داخل ڪرائي هئي، جڏهن ته بابر اعواڻ به وڪيلن جي ٽيم ۾ شامل هوندو. اسان کي ڪيس جي حوالي سان گهڻا ثبوت مليا آهن. هن چيو ته جڏهن ڪرپشن ختم ٿيندي ته قوم کي فائدو ٿيندو، حامد خان تحريڪ انصاف سان گڏ هيو ۽ رهندو. عمران خان چيو ته مان لنڊن ثبوت ڳولڻ نه پر پنهنجي ٻارن سان ملڻ لاءِ ويو هيس.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *