تحريڪ انصاف پارليامينٽ ۾ پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪري، هر سوال جو جواب اتي ڏينداسين: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته تحريڪ انصاف پارليامينٽ ۾ واپس اچي ۽ پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪري سرڪاري ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو ۾ وفاقي وزير چيو ته 2013ع جي عام چونڊن ۾ ماڻهن پاڪستان تحريڪ انصاف کي مينڊيٽ ڏنو هو ته جيئن هو پارليامينٽ ۾ انهن لاءِ ڪم ڪري سگهي ۽ عام ماڻهن لاءِ فلاحي منصوبا کڻي اچي پر پي ٽي آءِ ان جي برعڪس فيصلو ڪيو ۽ عوام جي مينڊيٽ خلاف ويندي پارليامينٽ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هن چيو ته حڪومت تحريڪ انصاف جي هر سوال جو جواب ڏيندي شرط اهو آهي ته مناسب فارم تي سوال ڪيو وڃن جيڪو پارليامينٽ آهي، هن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٽڪراءُ واري سياست نه ٿو چاهي مسلم ليگ ن پهرئين ڏينهن کان ئي تحريڪ انصاف جي منفي تاثر کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *