تحريڪ انصاف پاران ڪارڪن جي مارجڻ خلاف پنڊي ايڪسپريس وي ۽ مال روڊ تي احتجاج جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف فيصل آباد ۾ ڪارڪن جي مارجڻ خلاف پنڊي ايڪسپريس وي ۽ مال روڊ لاهور تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، تحريڪ انصاف ڪارڪن جي مارجڻ خلاف پنڊي ايڪسپريس وي تي احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ان حوالي سان مرڪزي اڳواڻن کي به ايڪسپريس وي تي جمع ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي تحريڪانصاف جي ذريعن مطابق ڪارڪنن کيميسج ذريعي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو فوري طور تي ايڪسپريس وي پهچن ۽ اتي ڪارڪن جي مارجڻ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائن جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي وڏي تعداد لاهور جي مال روڊ تي جمع ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر ۽ شفقت محمود ٻين اڳواڻن کي به ايڪسپريس وي پهچڻ جا پيغام موڪلي ڇڏيا آهن جڏهن ته وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب فيصل آباد ۾ راڻا ثناءُ الله جي گهر ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *