تحريڪ انصاف ن ليگ جي ٽئين وڪيٽ به ڪيرائي سياسي هيٽرڪ مڪمل ڪري ڇڏي، اين اي 154 تي صديق بلوچ جي ڪاميابي ڪالعدم قرار، ٻيهر چونڊن جو حڪم

ملتان (بيورو) تحريڪ انصاف نون ليگ جي ٽئين وڪيٽ ڪيرائي سياسي هيٽرڪ مڪمل ڪري ورتي، اليڪشن ڪميشن ٽربيونل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 154 تي ڪامياب ٿيل صديق بلوچ جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏيندي ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ملتان جي اليڪشن ٽربيونل، اين اَي هڪ سئو 54 لوڌران جي چونڊ ڌانڌلي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. فيصلي موجب 2013ع جي عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل نون ليگ ايم اين اي صديق خان بلوچ جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي جنهن سبب هن تڪ تي ٻيهر اليڪشن ڪرائي وڃي. نون ليگ جي ٽئين وڪيٽ ڪيرائڻ تي اليڪشن ٽربيونل ٻاهران توڙي سڄي ملڪ ۾ موجود تحريڪ انصاف جا ڪارڪن جشن ملهائي رهيا آهن. فيصلو ٻـُڌائڻ ۾ دير ڪرڻ تي نون ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن هڪٻئي سان هٿين پئجي ويا. ٻنهي جماعتن جي ڪارڪنن هڪٻئي تي چماٽن جي برسات ڪري ڏني جڏهن ته پارٽي جهنڊن جي ڏنڊن جو به استعمال ڪيو. نون ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ ٽڪراءُ اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهيو، جڏهن ته پوليس اهلڪارن وچ ۾ اچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو. 2013ع جي عام چونڊن ۾ اين اي هڪ سئو 54 ۾ تحريڪ انصاف جي جهانگرين ترين ۽ آزاد اميدوار صديق خان بلوچ ۾ مقابلو ٿيو هو. صديق بلوچ 86 هزار هڪ سئو 77 ووٽ حاصل ڪري تحريڪ انصاف جي جهانگرين ترين کي هارائي ڇڏيو هو جڏهن ته جهانگرين ترين کي 77 هزار 955 ووٽ مليا هئا. صديق بلوچ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد نواز ليگ ۾ شامل ٿيو هو. جهانگرين ترين چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳائيندي اليڪشن ٽربيونل ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *