تحريڪ انصاف نئين اننگز شروع ڪندي ئي حليم عادل شيخ سميت 6 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سنڌ جي هڪ ڏينهن اڳ صوبائي ڪابينا ۽ ڊويزن جي عهدن تي مقرر ٿيندڙ 6 ميمبرن پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ گذريل ڏينهن سنڌ جو سينيئر نائب صدر مقرر ٿيو هو، هن ذاتي سببن جي بنياد تي 24 ڪلاڪن ۾ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ان کانسواءِ پي ٽي آءِ سنڌ جي سينيئر نائب صدر طاهر شاهه به عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هو پي ٽي آءِ طرفان سکر جو ريجنل صدر به رهي چڪو آهي.  اهڙي ريت نائب صدر مقرر ٿيل علي جوڻيجي به ذاتي سببن جي بنياد تي 24 ڪلاڪن ۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب وزيراعظم جي خاص مددگار محمود مولوي سينيئر نائب صدر ڪراچي ۽ اڪبر پلي جنرل سيڪريٽري پي ٽي آءِ  ميرپورخاص جي عهدن تان استعيفيٰ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي کي موڪليون، اڪبر پلي اڳوڻو ريجنل صدر ميرپورخاص هو. ان کانسواءِ سيد ذوالفقار شاهه ڊپٽي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني، هو اڳوڻو ريجنل سيڪريٽري جنرل حيدرآباد هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *