تحريڪ انصاف شفافيت تي يقين نٿي رکي: ترجمان سنڌ حڪومت

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شفاف اليڪشن جي گهر ڪندڙ سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ڪهڙي حيثيت سان وڙهي رهيا آهن سينيٽ ۾ حڪومتي ميمبرن جو انگ اپوزيشن ميمبرن کان گهٽ آهي تحريڪ انصاف شفافيت تي يقين نٿي رکي شبلي فراز چئي رهيو آهي ته هو سينيٽ چيئرمين جي سيٽ لاءِ حربو استعمال ڪندو اليڪشن ڪميشن کي شبلي فراز جي هن بيان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جمهوري عمل ۾ ملاقاتون سڀني سان ٿي سگهن ٿيون ايم ڪيو ايم کان سينيٽ چيئرمين لاءِ ووٽ گهرڻ ويا هئاسين پر ڪلابازون ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو کائي رهيا آهن هن چيو ته ووٽ خريد ڪندڙن کي ٽڪيٽ ڏيئي ۽ ٽڪيت واپس وٺي آزاد اليڪشن وڙهائي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪيو ويو پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ڳالهيون شفافيت جون ڪن ٿا پر مقصد رڳو عمران خان جو اقتدار آهي هن چيو ته بجلي گئس پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪري مهانگائي کي گهٽتائي نٿو سگهجي جيڪڏهن ڀاڻ جي قيمت وڌندي ته ڀاڄين ۽ ٻين کاتي پيتي جون شين جون قيمتون وڌنديون ڪمشنر اسلام آباد ته وفاق جو آهي اتي ڪڪڙ جو گوشت 500 رپيا ڪلو ٿي چڪو آهي جڏهن ته وفاق ۾ قيمتون گهٽ ٿينديون ته هتي به پاڻمرادو گهٽ ٿي وينديون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *