تحريڪ انصاف سردار رضا جي مقرري تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف، چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي لاءِ جسٽس سردار محمد رضا جي مقرري تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي، شيرين مزاري جو چوڻ آهي ته کين اعتماد ۾ نه ورتو ويو رڳو اطلاع ڏنو ويو. هڪ بيان ۾ تحريڪ انصاف جي ترجمان شيرين مزاري چيو ته هــُو جسٽس سردار محمد رضا جو احترامڪن ٿا پر سندس مقرري بابت کين اعتماد ۾نه ورتو ويو ۽ رڳو سرسري طور اطلاع ڏنو ويو. هن چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجي موقف تي قائم آهي ۽ بنا دير چئني صوبائي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي تبديل ڪري اليڪشن ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *