تحريڪ انصاف جي ٽن اسيمبلي ميمبرن زاهد دراني، عبيد الله مايار ۽ نگينه خان جي آصف زرداري سان ملاقات، پ پ ۾ شموليت جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه جي 3 ميمبرن پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي. تفصيل موجب پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف جون ٽي وڪيٽون اڏائي ڇڏيون، پي ٽي آءِ جا ٽي ناراض اسيمبلي ميمبر پيپلز پارٽي جا جيالا بڻجي ويا، تحريڪ انصاف ڪي پي ڪي اسيمبلي جي ميمبرن زاهد دراني، عبيد الله مايار ۽ نگينه خان لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زاهد دراني چيو ته اسان پي ٽي آءِ جا فائونڊر ميمبر هئاسين اسان پارٽي کي هڪ مقام تائين پهچايو، اسان تي الزام لڳايا ويا پر اسان انهن جي وضاحت ڪئي پر پوءِ به ڪو ڪميٽي جو ميمبر اسان سان ملڻ نه آيو. عبيدالله مايار جو چوڻ هو ته ڪي پي ڪي جون جيڪي حالتون آهن اُهي سڀني جي سامهون آهن ٻيا به ڪيترائي ساٿي آهن جيڪي پيپلز پارٽي ۾ اچڻ چاهن ٿا اسان پيپلز پارٽي ۾ ورڪر طور ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون جڏهن ته اسان جي خلاف پي ٽي آءِ جيڪو ايڪشن ورتو ان جي ڪا به اهميت ناهي. ان موقعي تي نگينه خان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جيڪي نوٽيس جاري ڪيا ان ۾ ڪجهه به واضح نه لکيل هو، پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ايم پي ايز ناراض آهن اسان کي مختلف پارٽين طرفان آڇون آيو پر اسان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *