تحريڪ انصاف جي ايم پي ايز ووٽ وڪرو ڪيا ته اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سينيٽ جي سيٽ لاءِ 15 ڪروڙ رپين جي آڇ ڪندڙ ماڻهوءَ جو نالو ٻڌائڻ کان هڪ ڀيرو ٻيهر انڪار ڪندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي ايم پي ايز ووٽ وڪرو ڪيا ته اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ، نوازليگ، اي اين پي ۽ شيرپائو کي ووٽ نه ڏينداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته سينيٽ چونڊ لاءِ تياري مڪمل آهي، ميرٽ تي اميدوارن جي چونڊ ڪئي وئي آهي. عمران خان چيو ته هيءَ ڪهڙي جمهوريت آهي، جنهن ۾ ضمير وڪرو ٿين ٿا، اليڪشن ڪميشن هن صورتحال جو نوٽيس ڇو نه ٿي وٺي. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ پارٽين جا ليڊر پيسا ٺاهين ٿا، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ، شيرپائو ۽ نواز ليگ کي ووٽ نه ڏينداسين، رڳو اتحادين کي ڏينداسين. عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف جي ايم پي ايز ووٽ وڪرو ڪيا ته اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس، جاويد نسيم خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. عمران خان چيو ته سندس ضمير کي ڪير به خريد نه ٿو ڪري سگهي، جمعي تي پارٽي جي ڪورڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ايندڙ سال نين چونڊن جو آهي، اقتدار ۾ اچي سينيٽ چونڊ سڌي ووٽ ذريعي ڪرائي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *