تحريڪ انصاف جو اليڪشن بل 2017 کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪشن بل 2017 کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين، ترميم شهباز شريف کي پارٽي صدر بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ ڪرائي وئي، تفصيلن موجب فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان خان خلاف ڪيس ختم ٿي ويو ۽ هاڻي تحريڪ انصاف عوامي رابطا مهم جو آغاز ڪري رهي آهي، عمران خان ڪيس نواز شريف جي ڪيس کان تمام گهڻو مختلف آهي، ڇو ته خان صاحب چاليهه سال پراڻي بينڪنگ ٽرانزيڪشنز عدالت ۾ پيش ڪيون، هن نواز شريف کي مخاطب ڪندي چيو ته ميان صاحب! عمران خا اوهانوانگر ڪوڙ جو داستان ناهي ٻڌايو ۽ نه ئي ان قطري خط پيش ڪيو، اهو ئي نه عمران خان هڪ ڏينهن به عوامي عهدو ناهي رکيو، جڏهن ته ڪنوينشن سينتر ۾ اڄ چورن جو اجتماع ٿيو هيو ۽ هي محفل عوام جي پئسن سان سجائي وئي هئي، فواد چوڌري جو وڌيڪ چوڻ هيو ته نواز شيرف ي ان لاءِ ڪڍيو ويو جو اهو 300 ارب رپين بابت سوال جو جواب نه ڏئي سگهيو هيو، پر اڄ پاڪستان جي سڀ کان وڏي مني لانڊرر کي پارٽي جو سربراهه بڻايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *