تحريڪ انصاف اين اي 246 تي چونڊ دوران فوج مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جي وفد ڪمشنر ڪراچي سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب پي ٽي آئي 246 جي ننڍي چونڊ دوران فوج مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف ڪمشنر ڪراچي کان مطالبو ڪيو آهي ته چونڊ کان اڳ اين اي 246 کي فوج حوالي ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڪنور نويد جميل جو چوڻ هو ته هو اين اي 246 ۾ ضابطه اخلاق تي عملدرآمد لاءِ مڪمل تعاون ڪندو، پي ٽي آئي کي به مدد فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته اليڪشن ڪميسن چونڊن لاءِ فوج، رينجرز يا پوليس کي گهرائي ته اسان کي ڪوبه اعتراض ناهي، شفاف چونڊ ٿي ته پي ٽي آئي کي 10، 12 هزار ووٽ ملندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *