تحريڪ انصاف اين اي 122 ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

لاهور(بيورو) تحريڪ انصاف لاهور جي تڪ اين اي 122 ۾ پنهنجي اميدوار عليم خان جي مات کانپوءِ تڪ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کان ووٽر فهرست به گهري ورتي آهي.ذريعن مطابق تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عليم خان پارن ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ درخواست ريٽرننگ آفيسر کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ موقف ڏنو ويو آهي ته اين اي 122 جي ننڍين چونڊن ۾ ووٽن جي ڳڻپ تي شڪ آهي، ڇو ته چونڊن ۾ مخالف اميدوار کي گهٽ فرق سان ڪاميابي ملي آهي، ان ڪري ووٽن جي ڳڻپ ٻيهر ڪرائي وڃي،جڏهن ته درخواست ۾ رد ٿيل ووٽ ڏيکارڻ جو مطالبو به ڪيو ويو آهي.ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي اڳوان چوڌري سرور پاران سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب کي خط لکيو ويو آهي ،جنهن ۾ اين اي 122 جي ووٽرن جي فهرست گهري وئي آهي، جڏهن ته تڪ مان ووٽن جي منتقلي جي معاملي کي به اٿاريو ويو آهي. تحريڪ انصاف جي خط ۾ ننڍين چونڊن جي موقعي تي تڪ مان ووٽن جي  ٻين تڪن ۾ منتقلي تي شڪن جو اظهار ڪيو ويو آهي،جڏهن ته ٻئي ٻين تڪن ۾ موڪليل ووٽن جو رڪارڊ به گهريو ويو آهي. تحريڪ انصاف 2013ع ۽ هاڻوڪين چونڊن ۾ نادرا جي ووٽر فهرستن جو رڪارڊ، 2013ع ۽ 2015ع جي ووٽر فهرستن سان ڀيٽ ٿيل رڪارڊ ۽ 2015ع ۾ اين اي 122 ۾ داخل نون ۽ خارج ٿيل ووٽن جو رڪارڊ به گهريو آهي. چوڌري سرور جو چوڻ آهي ته ووٽر فهرستن جو رڪارڊ تحريڪ انصاف جي ووٽرن جي شڪايت تي گهريو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *