تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن آر او کي خط لکڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن آر او کي خط لکڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ ترجمان شيرين مزاري چيو آهي ته ڌانڌلي ڪندڙن 2013 جي چونڊن ۾ به آر اوز کي ڳجها خط لکيا هئا، اڄ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سان ملاقات ۾ معاملو اٿاريو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته ن ليگ کي فائدو ڏيڻ لاءِ قانون ٽوڙيو پيو وڃي، ن ليگ ٻين صوبن مان ووٽ رجسٽرڊ ڪرايا آهن. هن چيو ته سينيٽ جي چونڊن کان اڳ ئي ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي، جنهن  کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران آر اوز کي خط لکڻ چونڊن کان اڳ ڌانڌلي جي شروعات آهي، سڀاڻي اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سان ملاقات دوران ان معاملي کي اٿاريو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *