تحريڪ انصاف اسيمبلي ميمبرن جون پگهارون واپس ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) عمران خان چيو آهي ته ڌرڻي دوران پگهارون حڪومت کي واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ پي ٽي آئي جي مجلس عامله جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته واعدو ڪيو هو ته خيبرپختونخواهه جي نيب ۾ ڪابه مداخلت نه ڪندي. نيب هٿان گرفتار معدنات واري وزير ضياءَ آفريدي کي استعيفيٰ ڏيڻي پندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي جي عوام جو مسئلو امن امان آهي جيڪو پوليس حل ناهي ڪري سگهي. ڪراچي جي پوليس کي سياسي بڻايو ويو آهي، جڏهن ماڻهن جو پوليس تان اعتماد کڄي وڃي ته رينجرز کانسواءِ ڪوبه ٻيو رستو ناهي. افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون خوش آئنده آهن، ڳالهين سان افغانستان ۾ امن سان پاڪستان کي فائدو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *