تبديلي جي دعويدارن غريب عوام کان ماني به ڦري ورتي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( اسٽآف رپورٽر) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ملڪ جي معيشيت تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي غريب عوام جو برو حال آهي تبديلي جي دعويدارن غريب عوام کان ماني جو گروهه به ڦري ڇڏيو آهي ملڪي معيشيت جو سڌارو اسد عمر جي وس جي ڳالهه ناهي اهي ماڻهو صرف ڳالهيون ڪرڻ ۽ دعوا ڪرڻ ڄاڻن ٿا مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري چڏي آهي دوائن جا اگهه آسمان سان ڳالهائي رهيا آهن مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام جو تيل ڪڍي چڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جا سمورا وڏا واعدا ڌري جا ڌرا رهجي ويا آهن ٻئي پاسي شيخ رشيد پنهنجي بيانن سان عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهيو آهي هو عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ريلوي جي بهتري ڪرڻ بدران پنهنجي غلط زبان سان عجيب جوهر ڏيکاري رهيو آهي. هن کي غريب عوام جي ڏکن جو اندازو ئي ناهي تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام کان جيئن جو حق کسي رهي آهي عالمي بينڪ جي اڳڪٿي معيشيت لاءِ خطري جي گهنٽي آهي . اقصادي ترقي جي شرح ۾ اضافو سست روي جو شڪار آهي. نا اهل اڳواڻن ميشيت کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو آهي. اسان جي درخواست آهي ته وزيراعظم صاحب پاڪستان جي مظلوم عوام تي رحم ڪري ڇو ته ان جي ٽيم ڳالهيون ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه نٿي ڄاڻي ڪراچي کان خيبر تائين عوام ان جي ظلم جو شڪار آهن پر پيپلزپارٽي سليڪٽيڊ اڳواڻن جي وائٽ ڪالر جرم کي وائکو ڪري ڇڏيندي جنهن ملڪ کي اقصادي تباهي جي ڪناري تي پهچايو آهي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي گذريل 6 سالن جي بلند ترين سطح تائي پهچي وئي آهي مديني جي رياست جو خواب ڏيکارڻ وارا خاموش ڇو آهن 9 مهينن ۾ مسئلن جي گهٽتائي بدران اضافو ٿيو آهي بجلي گئيس، دوائن، ٽرانسپورٽ جي اگهن ۾ اضافي سان عوام جي مشڪلون وڌيون آهن. توهان ماڻهن ملڪ جي معيشيت ۽ عوام جو تيل ڪڍي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *