تاپي گئس پائيپ لائن رٿا خطي جا قديمي رابطا بحال ٿيڻ جو تاريخي موقعو آهي: وزيراعظم

سرحت آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان، ڀارت تاپي گئس پائيپ لائن رٿا خطي جا قديمي رابطا بحال ٿيڻ جو تاريخي موقعو آهي ۽ رٿا سان خطي ۾ مجموعي طور خوشحالي ايندي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ترڪمانستان جي شهر سرحت آباد ۾ تاپي گئس پائيپ لائن رٿا جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته رٿا کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لا3 تاپي ملڪن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان سڄي دنيا جي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جو محفوظ موقعو فراهم ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري حقيقت جو روپ اختيار ڪري چڪي آهي، گوادر بندرگاهه وچ ايشيا سميت خطي جي ملڪن کي سهولت فراهم ڪندي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي اقتصادي چئلينجن تي ضابطو آڻي ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ گئس جي کوٽ تي ضابطو آندو ويو آهي، ملڪ ۾ چئن سالن ۾ بجلي جي پيداوار ۾ 10 هزار ميگا واٽ کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ترڪمانستان جي شهر ميري ۾ ترڪمان صدر قربان محمدوف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي سهڪار، توانائي، واپار ۽ اقتصادي راهداري بابت تاپي گئس پائيپ لائين رٿا جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ علائقائي سلامتي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون.  ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اها رٿا ٻنهي ملڪن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئون باب شامل ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *