تاپسي پنو وڏي اسڪرين تي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جو ڪردار نڀائڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا تاپسي پنو وڏي اسڪرين تي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جو ڪردار نڀائڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي. فلم ”پنڪ“ ۾ بهترين اداڪاريءَ ذريعي سڀني جون دليون کٽيندڙ خوبصورت اداڪارا تاپسي پنو اڃا تائين ڪجهه فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي پر هوءَ بالي ووڊ جي اڪيلي اداڪارا آهي، جنهن کي پاور فل وومين سينٽرڪ ڪيريڪٽر لاءِ چونڊيو ويندو آهي. سندس تازو رليز ٿيل فلم ”نام شبانا“ آهي، جنهن ۾ پڻ تاپسي پنو ايڪشن ڪردار نڀايو آهي. ان حوالي سان تاپسي پنو جو چوڻ هو ته فلم ”نام شبانا“ ۾ منهنجو ڪردار مختلف آهي، جيڪو ڏسندڙن کي ضرور وڻندو. هن چيو ته مان ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جي حياتيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ مک ڪردار نڀائڻ چاهيان ٿي، ان کانسواءِ اندرا گانڌي جي بايو گرافي ۾ پڻ ڪرڻ جي خواهشمند آهيان.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *