تازو ئي پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي ڳڻتي آهي: شھباز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شهبازشريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي ۽ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وزيراعظم کي ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن تي به بريفنگ ڏني وزيراعظم چيو ته شرپسندن کي ڪراچي جو امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڀرپور تعاون سان ڪم ڪندي. وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته تازو ئي پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي ڳڻتي آهي سموريون صوبائي حڪومتون پوليو مهم تي خاص ڌيان ڏين پوليو جي خاتمي لاءِ متاثر علائقن ۾ خاميون ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. سمورن اسٽيڪ هولڊرز وڏيون خدمتون نڀايون اربع تي شهبازشريف جي صدارت هيٺ قومي ٽاسڪ فورس پوليو روڪٿام جو اجلاس ٿيو ملڪ ۾ ٽن پوليو ڪيسن جي رپورٽنگ کان پوءِ وزيراعظم هنگامي اجلاس گهرائي ورتو آهي اجلاس ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب عبدالقادر پٽيل وڏو وزير مرادعلي شاهه، آزاد ڄمون ڪشمير جو وزيراعظم تنوير الياس، بلوچستان جي صهت وارو وزير احسن شاهه، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ پرڏيهي ادارن جانمائندا شريڪ ٿيا جڏهن ته خيبرپختونخواه جو صحت وارو وزير تيمور سليم جڳڙا وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو اجلاس ۾بريفنگ ڏني وئي ته هن سال اپريل ۽ مئي ۾ 3 پوليو ڪيس اتر وزيرستان مان رپورٽ ٿيا جڏهن ته فيبروري 2021 کان مارچ 2022 هڪ به پوليو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو بريفنگ ۾ چيو ويو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه جا 25 ضلعا پوليو وائرس جي پکيڙ جي حوالي سان هاءِ رسڪ آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *